اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي ??اءِ گڏيل عرب امارات ۾ آهي، نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ سربراهي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي شرڪت ۽ سائيڊ لائينز تي ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هو ڇنڇر ڏينهن سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندو جتي هو موسمياتي تبديلي لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ ڪيل واعدن جي ??ڪالت ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم موسمياتي ريزيليئنس جي ??اءِ برابري ۽ عالمي تعاون تي به زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جو مقصد لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي بحال ڪرڻ جي ??اءِ گلوبل اسٽاڪ ٽي?? سان هڪ بامعنيٰ نتيجاخيز ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر گڏ ڪرڻ جي ڊگهي مدي واري هدف کي مڪمل ڪرڻ جي ??اءِ اسرندڙ مل??ن سان تعاون ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي موسمياتي سربراهي اجلاس جي ??اءِ دبئي وڃڻ کان اڳ نگران وزيراعظم 26 – 28 نومبر تي گڏيل عرب امارات ۽ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي ??چ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ انساني همدرديءَ جي صورتحال تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوپ – 28 جي ??اءِ گڏيل عرب امارات جي صدارت لاءِ پاڪستان جي ??ڪمل حمايت جو ورجاءُ به ڪيو. ڌرين توانائي، پورٽ آپريشن پراجيڪٽس، ڪچري جي صفائي، پاڻي جي صفائي، خوراڪ جي حفاظت، لاجسٽڪس معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت ڪيترين ئي مفاهمت جي ??اداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.