راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي علائقي بنون ويجهو بڪاخيل ۾ سيڪيورٽي قافلي تي آپگهاتي ح??لي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي ح??لو ڪندڙ جي سڃاڻ?? افغان شهريءَ ??ور ٿي، جنهن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حافظ گل بهادر گروپ سان آهي. آءِ ايس پي آر مطابق بڪاخيل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي ح??لو ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي ح??لي ۾ 2 معصوم شهري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجو?? ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.