اسلام آباد -01 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ا??را??يل جي جارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار ٺهراءَ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عو??م جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي اجلاس م انسانيت خلاف ا??را??يلي ڏوهن ۽ رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي. پاڪستان جو هي ايوان اعلان ڪري ٿو ته ٻي عالمي جنگ جي هولوڪاسٽ بعد ڪو به ملڪ ان قسم جي بربريت ۽ اهڙي وڏي پيماني تي قتل عام ۽ ج??گي ڏوهه جو مرتڪب ناهي ٿيو. ٺهراءَ ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ ا??را??يل جي حمايت ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ منافقت جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مخالفت ڪندي ڏوهه ۾ شريڪ آهن. هي ٺهراءُ پاڪستاني عو??م جي جذبن ۽ فلسطيني مسئلي تي فلسطين جي عو??م جي پاڪستان طرفان مسلسل حمايت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. ٺهراءَ م چيو ويو آهي ته هي ايوان غزه ۾ فوري جنگبندي، ا??را??يل پاران ناڪابندي جي خاتمي ۽ غزه جي شهرين کي دوائن،خورا??، پاڻي ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي غزه تائين رسائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان مسلمان امت جي مقدس ماڳن جي بي حرمتي لاءِ ڪيل سموريون ا??را??يلي ڪارروائيون بند ڪرڻ، ۽ ا??را??يل جي جارحيت ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ٿو. ايوان ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.