بيجنگ – 19 – آڪٽ??بر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان پائيدار ۽ جامع ترقي جي ويزن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل غيرملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي، چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ زراعت، قابلت جديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊي??يٽل معيشت ۽ کاڻين جي ک??ٽائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي موقعي تي م??تلف چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ من ميٽلز، ايم سي سي، چا??نا ڪميونيڪشنز ڪنسٽرڪشن ڪمپني (سي سي سي سي)، چا??نا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن (سي آر بي سي)، سي او ايف سي او، امر انٽرنيشنل گروپ، پاور چائنا، چا??نا انرجي ۽ چا??نا گيزوبا گروپ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سربراهه شامل هئا. نگران وزيراعظم چيني ڪاروباري شخصيتن کي م??اشي ۽ مالياتي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم پائيدار ۽ جامع ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي جنهن جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جيڪا غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ سهولت جي لاءِ ون ونڊو پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم چين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز کي چيو ته اهي پاڪستان ۾ آءِ سي ٽي، زراعت، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، ڊي??يٽل معيشت، کاڻين جي ک??ٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن مان فائدو کڻن. ان موقعي تي چين جي ڪاروباري شخصيتن غيرملڪي سيڙپڪاري ک?? راغب ڪر جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيندي نگران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت آگاهه ڪيو. هنن پاڪستان جي ڪاروباري حصيدارن سان گڏجي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيني ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽوز کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ انهن کي چيو ته اهي لاڳاپيل وزيرن سان پنهنجي ڪاروباري م??املن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪن.