اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير نظر نه پئي اچي، چونڊون صاف ۽ شفاف منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين، سياسي پارٽين کي پنهنجي ??ندر به جمهوريت آڻڻي پوندي، هر سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺن جو حق حاصل آهي، ملڪ ۾ قانون جي ??ڪمراني يقيني بڻائڻي پون??ي. ??جي ٽي وي چينل کي پنهنجي ??نٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قانون تي عملدرآمد ۽ قانون جي ??ڪمراني کي يقيني بڻائڻو پ??ندو، اسان ڪرنسي جي ??هڙي غيرقانوني مارڪيٽ ۾ هٿ وڌو جنهن جي قانون ۾ گنجائش نه آهي، عسڪري قيادت کي به ان جو ڀرپور ڪريڊٽ وڃي ٿو گذريل حڪومتن ان طرف ڌيان نه ڏنو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اسان کي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي آهي، 5 سال جو مينڊيٽ پارليامينٽ جو هوندو آهي جيڪا گذريل ٽن دورن کان پورو ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ئي وزارت عظميٰ جي چونڊ ڪري ٿي، جمهوري طريقي سان حڪومت جي ??بديلي پارليامينٽ جو حق آهي. هن چيو ته شفافيت ۽ احتساب جو عمل جنهن جمهوريت ۾ نه هوندو اها ڪامياب نٿي ٿي سگهي، پارليامينٽ جي ??ندر ويٺل ماڻهو عوام جو مينڊيٽ کڻي اچن ٿا، انهن جون ذميواريون وڌيڪ آهن، پنهنجي ويزن، ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي ??نياد تي عوام فيصلن جو اهو اختيار پارليامينٽ ميمبرن کي ڏنل هوندو آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته جيستائين سياسي پارٽيون پنهنجي ??ڃاڻپ ۽ ڍانچي ۾ جمهوري نه هونديون ته ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم نه ٿي ٿي سگهي، سياسي پارٽين ۾ جمهوري رويو نظر ايندو ته ان جو اثر معاشري تي پوندو. هن موجوده منصب کانپوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ چيو ته ان حوالي سان ڪا آئيني يا قانوني پابندي نه آهي، بلوچستان عوامي پارٽي جو هاڻي حصو نه آهيان، اهو به ممڪن آهي ته ڪا پنهنجي پارٽي ٺاهيان، رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو اهو آئيني ۽ قانوني حق آهي ته اهي چونڊن ۾ حصو وٺن ۽ پنهنجي چونڊ مهم هلائين، صوبائي نگران حڪومتن پاران آزاداڻيُون ۽ منصفاڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي مانيٽرنگ ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف سميت ڪو به سياسي اڳواڻ جيڪڏهن اسان جي فرضن جي ??دائيگي جي ??والي سان ملاقات جي ??واهش ڪندو ته ان سان ضرور ملاقات ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي گورننس، اقتصادي پاليسين ۽ سياسي سوچ ۾ ماضي ۾ ڪيل ڪوتاهين تي غور ڪرڻو پ??ندو. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم روزاني جا معاملا اڪلائڻ ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ آهي، اسان جو ڌيان انهي تي آهي، آزاداڻيون ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائينداسين، نواز شريف جي ??والي سان قانوني گهرجون پوريون ٿينديون. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي ??هتري، پاڪستان جي ??طور رياست مضبوطي ۽ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ عوام عمران خان کي ووٽ ڏنا هئا، ان کي ووٽ فوجي ٺڪاڻن تي حملي جي لاءِ نه ڏنا ويا هئا، 9 مئي جا ڪيس هڪ قانوني عمل آهي، سائفر رياست جي پراپرٽي هوندي اهي، اهو ٻن آفيسن جي وچ ۾ ڪميونيڪشن جو ذريعو هوندو آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ دير جا ڪي امڪان نظر نه پيا اچن، ان ۾ ڪو به ابهام نه آهي، چونڊن جو پ??هنجي وقت تي اعلان ۽ انعقاد ٿيندو. هن چيو ته فيصلاسازي ۾ حتمي فيصلا نگران حڪومت ڪندي آهي، اسان جي ??دارن سان موثر ڳالهه ٻولهه آهي، ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي ??ين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي ??والي سان کنيل قدمن جو پ??رو پاڪستان گواهه آهي، ان جا معيشت تي ڏورس اثر پڻ عوام کي نظر ايندا. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي هڪ منظم ردعمل سان اهو تاثر ڏئي سگهجي ٿو ته ان جي پٺيان ڪو هڪ ماڻهو يا گروهه هجي، ڇا ائين ٿيو يا نه اهو ڪم جاچ ۽ عدالتي عمل جو آهي ته اهي ان حوالي سان حقيقتن کان پاڪستاني عوام کي آگاهه ڪن.