اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته نگران وز??را??ظم جي نالي ??و فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو. وز??را??ظم جي بيٽ رپورٽرز سان الوداعي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته هو اتحادي پارٽين جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو ته جيئن ان معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي جنهن کانپوءِ هو ٻيهر مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سان پڻ ملاقات ڪندو. هن وضاحت ڪئي ته ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق پيدا نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو جيڪا ٽن ڏينهن جي اندر معاملي کي اڪلائيندي. پارلياماني ڪميٽي جي سطح تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ هليو ويندو جنهن کي ٻن ڏينهن ۾ حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران کيس ۽ مخالف ڌر اڳوڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وز??را??ظم جو نالو فائنل ڪرڻ جي لاء?? لکيل خط بابت سوال جي جواب ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين ۾ طريقيڪار بلڪل واضح آهي. هن چيو ته بطور وز??را??ظم حڪومت جي دور جا 16 مهينا منهنجي 38 سالا سياسي ڪيريئر جو سڀ کان مشڪل وقت هو جڏهن ته سمورن حصيدارن جي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت مختلف محاذن تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته ٻوڏ دوران حڪومتي مشينري 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو ۽ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن پاران ورهايل امداد کانسواءِ وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ 100 ارب رپيا ورهايا هئا. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو هڪ تمام وڏو چئلينج هو جنهن تي پوري ٽيم جي ڪوششن سان ضابطو آندو ويو نه ته ملڪ انتشار جو شڪار ٿي سگهيو پئي. سفارتي محاذ تي پنهنجي حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم چيو ته هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر ڪيو آهي جيڪي گذريل حڪومت دوران بي بنياد الزامن جي ڪري ڇڪتاڻ وارا ٿي چڪا هئا. وز??را??ظم چيو ته گذريل حڪومت دوران مهانگائي 12.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي جڏهن ته ميان محمد نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ رڳو 3.5 سيڪڙو هئي. هن چيو ته پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري حڪومت کي ڪڻڪ جي درآمد تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪرڻا پيا. وز??را??ظم محمد شهباز شريف سائفر بابت خبر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو ان سڀ ڪجهه بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي شڪل ۾ هڪ طريقيڪار جوڙيو آهي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن آهي.