اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف نائنٿ ايونيو ۽ خيابان اقبال جي سنگم شاهين چوڪ تي فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزي??اع??م فلائي اوور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊ??، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ ??ڻ موج??د هئا. سي ڊي اي چيئرمين وزي??اع??م کي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿ??ڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ آساني ٿيندي ۽ شاهين چوڪ هڪ سگنل فري چوڪ بڻجندو، منصوبي تي 2 ارب لاڳت ايندي. شروعاتي طور تي ان منصوبي جي مڪمل ٿ??ڻ جو مدو 8 مهينا مقرر ڪيو ويو هو پر وزي??اع??م جي هدايت تي ان کي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. شاهين چوڪ فلائي اوور، اليونٿ ايونيو، مارگلا ايونيو، نائنٿ ايونيو ۽ سري نگر هاءِ کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو.