نٿيا گلي-08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سو??ٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن ??ي منهن ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيون ڪيون ويون. مفاهمت جي يادداشت تي صحيون ڪرڻ جي تقريب ۾ پاڪستان طرفان اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽينينٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ سو??ٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير اگنازئيوڪاسيس صحيون ڪيون. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شرڪت ڪئي جڏهن ته سڌ سماءُ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تدبيلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان پڻ تقري ۾ موجود هيون. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ سو??ٽزرلينڊ جي سفارتخاني جو عملو ۽ اعليٰ پاڪستاني اختياريون پڻ تقريب ۾ موجود هيون.