اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي شانگلا ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊ سلائيڊنگ جي واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آه??. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته شانگلا ۾ معصوم جانين جي زيان جي واقعي جي خبر دل کي جهنجهوڙي ڇڏيو آه??. مرتونگ جي المناڪ سانحي ۾ پنهنجي ٻارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آه??ان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار ۽ ري??ڪي?? ٽيمون ملبي ۾ ڦاٿل معصوم جانين کي بچائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻ?? رهيون آه??، اميد آه?? ته لينڊ سلائيڊنگ جي ملبي مان نڪتل زخمي ٻارن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو ويندو. هن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ري??ڪي?? ٽيمن سان تعاون ڪن، متاثر خاندانن جو ڏک ونڊين.