اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي 14 کان 15 جون تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پارا?? جاري بيان موجب آذربائيجان سان تعاون جي ترجيحي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ وزير وزيراعظم جي وفد جو حصو هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف سان واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت تعاون جي اهم شعبن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪندو جڏهن ته هو گهڻ رخي فورمن ۾ گڏيل ڳڻتي ۽ تعاون جي علائقا??ي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجا?? جا لاڳاپا عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي هڪ جهڙائي سان ڳنڍيل آهن ۽ گڏيل اعتماد ۽ علائقا??ي ۽ عالمي معاملن تي نظرين جي مٽاسٽا سان مضبوط آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قيادت جي سطح تي لاڳيتي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي ??جاگر ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ويجهي گهڻ رخي تعاون ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.