اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شه??دن جُون يادگار قائم ڪرڻ طرف ڇڪرائيندي چيو آهي ته اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شه??دن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي پڻ شه??دن جون تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط ۾ ان جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ ملت جي قيام طرف ڇڪرايو آهي. وقتي صدر چيو ته مڃيل حق??قت تي قطعي طور تي ٻي راءِ نه آهي ته ملڪ جي قيام جي لاءِ ڏني ويندڙ اسانجي ابن ڏاڏن جون قربانيون لازوال آهن. ڌرتي جي استحڪام ۽ بقاءَ جي لاءِ اسانجي شه??دن جون قربانيون به وسارڻ ??وڳ??ون نه آهن. هن چيو ته شهيد اسان جا محسن آهن، پاڪستان ۾ امن امان بهادر شه??دن جي لازوال قربانين جو نتيجو آهي، من حيث القوم اهو اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شه??دن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، وفاقي حڪومت، وفاقي سطح تي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ جي قيام کي يقيني بڻائي. هن چيو ته هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي به شه??دن جون تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن، ٻاهرئين ۽ اندرون ملڪ مان ايندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماڻهو ڄاڻي سگهندا ته بحيثيت قوم اسان پنهنجي شه??دن جا ٿورا??تا آهيون، مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن خاص طور تي ش??گردن کي انهن يادگارن جي دورن سان حب الوطني جي جذبي کي سگهه ملندي. هن چيو ته شه??دن جي مشن کي جاري رکڻ جو جذبو اسان جي نوجوان نسل جي دلين ۾ قائم ۽ دائم رهندو، اميد آهي ته توهان جلد کان جلد ان ڏس ۾ هدايتون جاري ڪندا جيڪا بهادر شه??دن کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ننڍي ڪوشش هوندي.