اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي، پ??ڪس??ان لرننگ ڪانفرنس بهترين عالمي طريقن موجب ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ سماجي طرز عم?? جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي اختيار ڪن ٿا. پ??ڪس??ان لرننگ ڪانفرنس 2023ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ٻارن کي عالمي طريقن موجب بااختيار بڻائڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سان تعلق رکندڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام گ??ڻو خواهشمند هو پر پيرس ۾ عالمي مالياتي ڪانفرنس ۾ پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪري ائين نه ڪري سگهندس ج??هن ته هو ڪانفرنس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقب?? جي تعمير جي لاءِ ان جي سفارشن جو منتظر آهي.