اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جو نا??وي جو 2 ڏينهن جو سرڪاري دورو، دوري دوران هن نا??وي جي پرڏيهي وزير اينيڪن هيٽ فيلڊ ۽ اسٽيٽ سيڪريٽري ايرلنگ رمسٽاد سان ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير نا??وي جي پارليامينٽ ۾ پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت ڪميٽي جي ??يئرپرسن اين ايرڪسن سورائيڊ ڪري رهي هئي. نا??وي جي پرڏيهي وزير اينيڪن هيٽ فيلڊ سان ملاقات ۾ ڌرين 75 سالا ٻطرفن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. مملڪتي وزير ايرلنگ رمسٽاد سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ نا??وي جي فراخدلاڻي مدد تي ٿورا مڃيا. ڌرين پاڪستان ۾ مائيڪرو هائيڊرو پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي ۽ گرين انرجي، شپنگ ۽ بليو اڪانومي ۽ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ تعاون جهڙن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي سلامتي کي درپيش مسئلن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن ۽ دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ عالمي امن کي لاحق خطرن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نا??وي عالمي قانونن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. مملڪتي وزير نارويجن انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز کي خطاب ڪيو جتي هن عالمي امن ۽ سلامتي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ هن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي، عالمي سياسي نظم ۽ ضبط تي ان جي اثرن ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي موقف بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. تقريب ۾ سفارتڪارن، سياستدان، نا??وي جي پرڏيهي وزارت جي عملدارن، ناليوارن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير نارويجن ڪمپنين جي اعليٰ انتظاميا سان پڻ ملاقات ڪئي جيڪي پاڪستان ۾ اڳ کان ڪاروبار ۾ آهن جن ۾ ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيدنٽ ٽيلي نار ريٽا اسڪجائيرڪ، سي اي او اسڪيٽيڪ ٽيرجي پِلسوگ، سي اي او جوٽن پينٽس مورٽن فان، چيئر نور هائيڊرو رابرٽ اسٽوربيڪ ۽ سي اي او نور هائيڊرو رخسانه حامد شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن جي سيڙپڪاري نا??وي جي ٻين نجي ??مپنين کي پاڪستان سان ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي. مملڪتي وزير ايس ايم ايز ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ نوجوان ۽ خواهشمند نارويجن واپارين جي هڪ گروپ سان پڻ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي جيڪي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اجلاس ۾ نا??وي جي شپ اونرز ايسوسيئيشن جي سينيئر نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير جو هي دورو پاڪستان ۽ نا??وي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻارهون اجلاس منعقد ٿيڻ کان اڳ ٿيو. بيان موجب نا??وي جي قيادت سان ان جي ??الهه ٻولهه ۽ ڪيل فيصلن سان اڳتي جي مشاورت جي ايجنڊا جي رهنمائي ۾ مدد ملندي. 6 مهينن جي عرصي ۾ نائب پرڏيهي وزير جي سطح تي ٻطرفي دورن جي مٽاسٽا پاڪستان ۽ نا??وي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين تحريڪ فراهم ڪئي آهي ڇو ته ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.