ڪراچي – 04 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ڪرم ايجنسي ۾ استادن جي قتل جي شديد مذمت ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بل??ول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بل??ول ڀٽو زرداري استادن جي قتل جي واقعن تي پنهنجي ردعمل ۾ زور ڏنو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا واقعي با??ت فوري جاچ ڪن، حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين بل??ول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعز??ت ۽ همدرديءَ جو اظهار ۽ مارجي ويل استادن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.