اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پ??ڏي??ي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري اتر ??زي??ستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد ??ملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي ملڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم جا هيرو آهن قوم انهن هيروز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مون کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آهي. پ??ڏي??ي ??زي?? خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن کان پاڪ ڪرڻ ج?? لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجام ٿيندو.