اسلام آباد – 18 – مئي (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ٿي رهيو آهي ته اڳتي سياست جي آڙ ۾ ڪير ملڪ دشمني نه ڪري. عمران خان جي بيان تي پ??هنجي ردعمل جو اظهار ڪندي پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت اهڙو بندوبست ڪري رهي آهي ته اڳتي ڪنهن به رياست تي حملو نه ٿي سگهيو، اڳتي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي ڪير بي حرمتي نه ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خان ماڻهن جي ڌيئرن جي گهرن تي حملا ڪرايا، ڌيئرن کي والدين جي سامهون گرفتار ڪيو، ماڻهن کي ڀينرن کي گهيليو، ان جي باوجود ڪو عمران خان وانگر ملڪ تي حملي آور نه ٿيو. هن چيو ته عمران خان سياست جي لبادي ۾ عوام کي سزا ڏني. نه ملڪي معيشت کي ڇڏيو ۽ نه عوام جو روزگار ڇڏي??. ا??لاعات واري وفاقي وزير چيو ته بندوبست ٿي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳتي ڪا اها ڪوشش ۽ ملڪ دشمني جي جرئت نه ڪري سگهي.