پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽ?? جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان جي اباڻي رهائشگاهه عبدالخيل ۾ مذهبي معاملن واري وز??ر عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وز??ر قمر زمان ڪائره ۽ ممل??تي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽ?? جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن مفتي عبدالشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پيپلزپارٽ?? جي وفد جو عبدالخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمرا?? اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.