ث??رق??د – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ث??رق??د ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي وقتي پرڏي??ي وزير سيدوف باختيور اوديلووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻن??ي وزيرن ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن لاڳاپن خاص طور تي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ عوامي ??ابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات جي موقعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي مٽاسٽا ??ي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏي??ي وزير ملاقات ۾ ٻطرف?? واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ م ترجيح?? واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.