اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي م??تس?? عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي م??تس?? بلوچستان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي م??تس?? بلوچستان صدر کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي م??تس??ين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته م??تس??ين جون خدمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ م??تس?? جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته صوبائي م??تس?? عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، بلوچستان جي عوام کي م??تس?? جي ڪردار بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃ??. م??اقات جي موقعي تي صوبائي م??تس?? صدر کي 2021ع جي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي م??تس?? بلوچستان چيو ته صوبائي م??تس?? کي 2021ع ۾ 1321 شڪايتون مليون جن مان 1043 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪايتون تعليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته بلوچستان جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچه??يو?? پڻ منعقد ڪيون ويون.