اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا ج?? سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سي??ن اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽريليا وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تعاون تي ٺوس ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ گهڻ رخي ترجيحن ۾ تعاون تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا ج?? علائقائي صورتحال بشمول افغانستان جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين ??ي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارمي??ن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپ??ر ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور ??ي باسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.