ڪراچي – 10 – فيبروري (اي ??ي ??ي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ فوجي آفيسرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري تع??يتي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري مي??ر جواد ۽ ڪيپٽن صغير جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مي??ر جواد شهيد ۽ ڪيپٽن صغير شهيد جي قرباني رائيگان نه ويندي. هن چيو ته مي??ر جواد شهيد ۽ ڪيپٽن صغير شهيد جي پونئيرن سان همدردي ۽ تع??يت جو اظهار ڪريون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.