اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري چمن اسپن بولدڪ جي علائقي ۾ افغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز پاران اشتعال انگيز گولابا??ي جي تازن واقعن تي پاڪستان پاران سخت احتجاج رڪ??رڊ ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ کانسواءِ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ??الهه کي ورجايو ويو ته شهرين جو تحفظ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ قائم اداراجاتي مڪينزم کي استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب پاڪستان افغانستان ??ائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي ??اء?? پرعزم آهي. پاڪ افغان سرحد تي امن ان مقصد جي ??اء?? بنياد آهي.