اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي لاڳاپن ۾ تباهي آڻيندڙ فلسفن ۽ نظرين کي مڪمل امن جي فلسفي سان تبديل ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي نظام کي قانونن، اخلاقيات ۽ قدرن تي ٻڌل هجڻ گهرجي ??ه جيئن دنيا کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائي سگهجي، گلوبل وارمنگ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج ڪيترن ئي ڪمزور ملڪن کي خطري ۾ وجهي مختلف خطن ۾ ما??هن جي ??ندگين ۽ روزگار تي منفي اثر وجهي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”مارگلا ڊائيلاگ“ جي ??صوصي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪيو هو. سيشن ۾ سفارتڪارن، غيرملڪي شخصيتن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. هن چيو ته گڏيل طور تي يقيني تباهي، هيومن وار فيئر ۽ سرد جنگ جي ??هنيت جهڙن نظرين کي ختم ڪري ان جي ??اءِ تي ڪامل امن جي فلسفي کي آڻڻ گهرجي ??ه جيئن جنگ کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي. صدر چيو ته تباهي آڻيندڙ فلسفن ۽ نظرين کي مڪمل امن جي فلسفي سان تبديل ڪرڻ جي ??رورت آهي جتي جنگ جو سهارو وٺڻ جو ڪو آپشن نه هجي. هن چيو ته اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سمورين قومن، ملڪن ۽ اتي رهندڙ ما??هن سان بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل ۽ زبان جي فرق کانسواءِ انهن سان عزت، وقار ۽ احترام جو سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته ويٽو پاور جي ??ورت ۾ ڪجهه قومن کي ترجيحي حيثيت ڏيڻ جي ??صول جي نئين ورلڊ آرڊر ۾ ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي ??يڪا تجربي جي ??نياد تي گهٽ طاقت ۽ قومن کي بدحالي ۽ جنگ جي ??لط استعمال جي ??لاحيت رکندي هجي. صدر چيو ته عالمي طاقتون گڏيل يقيني تباهي، جنگ ۽ سرد جنگ جي فلسفي تي عمل پيرا آهن جي هر قوم قيمتي وسيلا لڳائي پوري دنيا کي تباهه ڪرڻ جي ??لاحيت رکندڙ مهلڪ ۽ خطرناڪ هٿيار تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته سپر پاورز مهلڪ ۽ طاقتور هٿيارن جي نظام ٺاهڻ تي کربين ڊالر خرچ ڪيا، ان وڏي رقم جو هڪ حصو به موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ دنيا مان بک ۽ بدحالي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهيو پئي. صدر چيو ته دنيا جنگ جي هڪ ٻئي مرحلي ۾د اخل ٿي رهي آهي جيڪا ان کان به وڌيڪ تباهي آڻيندڙ، مُوذي ۽ خطرناڪ آهي، سائبر وار فيئر جون صلاحيتون انتهائي تيز رفتاري سان تيار ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن به جي مواصلاتي نيٽ ورڪ کي بي اثر ڪرڻ، ان جي ??فاعي نظام کي غيرفعال بڻائڻ، صحت سميت ٻين خدمتن جي فراهمي ۾ خلل وجهڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو جيڪو ان کي مڪمل طور تي مفلوج ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سائبر وار فيئر جي ??مام گهڻي طاقت کي هوشياري سان انسانيت جي ??باهي جي لاءِ نه پر پوري انسانيت جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا تان ”فيڪ نيوز“ پکڙجي ??هي آهي جنهن جي نتيجي ۾ تشدد سان گڏوگڏ ملڪن ۽ معاشرن ۾ غلط فهميون پيدا ٿي رهيون آهن جنهن جو مقابلو پاڻ سکڻ ۽ تعليم جي ??ريعي ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قومن جي ??اخلي نظام جو بنياد جمهوري قدرن تي هجڻ گهرجي، ڳالهين، مشاورت ۽ غور فڪر ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو طئي ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ گهرجي ??ڏهن ته قومن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تڪرارن ۽ اختلافن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته موجوده عالمي نظام کي درپيش وڏن مسئلن ۾ گلوبل وارمنگ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج شامل آهي جيڪي ڪيترن ئي ڪمزور ملڪن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن ۽ مختلف خطن ۾ ما??هن جي ??ندگين ۽ روزگار تي منفي اثر وجهي رهيا آهن. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ گرين هائوس گئسن جي ??خراج کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي وسيلن کي گڏ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ??نهن ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي ??تي ان جي ??ڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، هالينڊ جيڪو پاڪستان کان 19 ڀيرا ??نڍ?? ملڪ آهي پر هو خوراڪ برآمد ڪندڙ دنيا جي ??رفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وڌيڪ پيداوار واري خوراڪ جي مصنوعات، سوڪهڙي کان بچندڙ فصل، پاڻي جي ??حفظ، عمودي پوکيءَ ۽ اهڙي قسم جي ٻين جديد طريقن ۾ استعمال ڪئي ويندڙ ٽيڪنالاجي ??ريب ۽ اسرندڙ ملڪن سان پڻ شيئر ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن انهن کي بک، خوراڪ جي کوٽ، اسٽنٽنگ ۽ غذائي عدم تحفظ جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ان کان اڳ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ??در سفير ڊاڪٽر رضا محمد صدر جي ??جيان ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي، جيو اسٽريٽجي ۽ عالمي لاڳاپن بابت مختلف موضوعن تي ٿيندڙ بحث کان آگاهه ڪيو.