اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ 24 هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. آءِ ايس پي آر موجب چئن هفتن تي ٻڌل ورڪشاپ ۾ سينيٽرز، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، بيوروڪريٽس، سفيرن، هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد قوم?? سلامتي ۽ پ??ڪستان کي درپيش چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيورٽي جي ماحول کي سمجهڻ ۽ مختلف رخن بابت وڌ کان وڌ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي جامع قوم?? سلامتي بابت ورڪشاپ جي پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ جي هر قسم جي قيادت جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپس منقعد ڪرڻ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪردار ??ي ساراهيو.