اسلام آباد ??? 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي چيني صدر جيا??گ زيمن جي لاڏاڻي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران تع??يت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب چيني قونصل خاني جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وز??ر چيو ته اڳوڻي چيني صدر جي پاڪستان سان 50 سالا پراڻي وابستگي هئي، ان جي لاڏاڻي سان چين هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته چين جي ترقي ۾ اڳوڻي صدر جيا??گ زيمن جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، انهن کي هڪ عالمي اڳواڻ طور تي به ياد رکيو ويندو جنهن عالمي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ ??اهي ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي فروغ ڏنو.