اسلام آباد- 20 آڪٽوبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ??اڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا سان ??لاقات ڪئي ۽ کيس ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل وڌيڪ فني ۽ مالي مدد جي بار?? ۾ ??گاهه ڪيو، ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ يورپي يونين طرفان ??اڪستان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي، وفاقي وزير يورپي يونين جي سفير جي حمايت تي سندس ٿورو مڃيندي چ??و ته هن مشڪل وقت ۾ يورپي يونين جي حمايت کي ساراهيون ٿا ۽ بحالي جي عمل ۾ مدد لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهيا آهيون، اسان صوبائي حڪومت سان رابط?? ۾ ??هيون پر اسان کي مدد ۽ فني وسيلن جي سخت ضرورت آهي.