اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ??ند??، وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ??ند??. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ??ند??. ڪابينا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ??ند??. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ??لڪ?? کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ٺاهن ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ سيڪا جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ??ند??. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ??ند??. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم سيڪا جي ميمبر ??لڪ?? سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ??ند?? جن جو مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. سيڪا سڄي ايشيا جي 27 ??لڪ?? تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ سماج?? ۽ ??عاشي ترقي جي فروغ تي ڌيان ??نو وڃي ٿو. سيڪا ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فروغ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. سيڪا جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزيراعظم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ايشيا ۾ رابطن ۽ معاشي تعاون جي فروغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.