دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ والده موزه بنت نصر سان ملا??ات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ا??هن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا، ان جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ حمايت جي مضبوط بنياد تي قائم قطر سان پراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏيندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. 1999ع ۽ 2017ع ۾ قطر جي امير جي والد جي پاڪستان جي دورن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ا?? جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استحڪام جو اعتراف ڪي??. ق??ر جي امير جي والده شيخه موزه بنت نصر جي سرپرستي ۾ ”تعليم سڀ کان وڌيڪ“ پروگرام جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي سرگرمين جي لاءِ ا?? جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص طور تي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا ل??ءِ خدمتن کي ساراهيو. وزيراع??م قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا. وزيراع??م قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان قطر سان وڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني تي قطر جي ل??ءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.