اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مالي مدد تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا ٿور?? مڃيا آهن. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ ه?? چيو ته وسيع ايراضي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺندڙ ان ٻوڏ جي تباهين ۽ شدت جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته چين سدائين مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ اسان ??ان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ اسان چين جي ان معاونت کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.