سرگوڌا – 03 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو سڀاڻي 5 آگسٽ تي ملهايو ويندو، ان ڏس ۾ انتظامن ۽ پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هيڊڪوارٽر ارشد احمد وٽو جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 5 آگسٽ جمعته المبارڪ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي، ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آ??ادي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳي آ??ٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌندا. سيمينار کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ڊي پي او چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ر??لي پڻ ڪڍندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج چاندني چوڪ ۽ گورنمينٽ انبالا مسلم ڪاليج ۾ پڻ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي ??وا??ي سان مذمتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا. اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ به شاگردن کي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي ??وا??ي سان آگاهي جي لاءِ خصوصي پروگرامز منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ سمورن لا??اپيل کاتن کي ان ڏس ۾ ذميواريون ڏنيون ويون.