اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لا??يف ??نش??رنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي ??نش??رنس جي رقم جي ادائيگي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بيواهن کي گروپ ??نش??رنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسٽيٽ لا??يف ??نش??رنس ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته هو فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ ملتان جي فائر مينن جي بيواهن کي گروپ ??نش??رنس ادا ڪري. تف??يل موجب مختار مائي، نوران مائي، نسيم مائي ۽ عذرا بي بي جا گهروارا سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويا هئا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غريب بيواهن کي 10 سالن تائين ??نش??رنس جي رقم ادا نه ڪئي وئي، بيواهن کي گروپ ??نش??رنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي، اهو رويو ڪمپني جي ساک تي بدنما ڌٻو ۽ پاڪستان جي آئين جي اصولن جي خلاف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لا??يف جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ بيواهن کي گروپ ??نش??رنس جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو. هن لاڳاپيل قانونن تحت ذميوار اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بيواهن پنهنجي گهروارن جي گروپ ??نش??رنس جي رقم جي لا??ِ اسٽيٽ لا??يف کي درخواست ڏني هئي، رقم نه ملڻ تي هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ??نش??رنس ڪليمز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، اسٽيٽ لا??يف محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گروپس ??نش??رنس جي ڪٽوتي فوتي گهروارن جي پگهار مان باقاعدگي سان ڪئي ويندي هئي، رڪارڊ کان خبر پئي ته پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لا??يف ??نش??رنس ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو. پنجاب جي سمورين مقامي حڪومتن جا ملازم معاهدي تحت گروپ ??نش??رنس جا حقد??ر آهن. حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ صدر ڪمپني جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لا??يف جي اپيل رد ۽ بيواهن کي گروپ ??نش??رنس جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته فوت ٿيندڙ فائر مين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان جو ريگيولر ملازم هو، ملازمن سروس جي دوران بنيادي پگهار جي اسڪيلز موجب ماهوار پريميم ادا ڪيو، شڪايت ڪندڙن ??نش??رنس ڪمپني جا سمورا گهربل دستاويز پڻ فراهم ڪيا. ??نش??رنس ڪمپني جو موقف غلط، بي بنياد ۽ بنا جواز آهي تنهن ڪري ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته ڪمپني معاهدو تحت شڪايت ڪندڙن کي گروپ ??نش??رنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي پابند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪم ڏنو ته اسٽيٽ لا??يف ??نش??رنس بيواهن کي انهن جي گهروارن جي ??نش??رنس جي رقم ادا ڪري.