اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) ايوان ص??ر جي جامع مسجد مان معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ”رمضان المبارڪ گذارڻ جو بهترين طريقو“ جي موضوع تي جمعي جو خطبو ڏنو ويو. ايوان ص??ر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. خطيب ڊاڪٽر محمد ظهير جمعي جي خطبي ۾ رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ فضيلت بيان ڪندي چيو ته رمض??ن جو مهينو انس??ن جي تربيت جو مهينو آهي، روزو انس??ن جي اندر صبر ۽ تحمل پيدا ڪندو آهي روزي ۾ حلال شين کان به هڪ وقت تائين منع ڪئي وئي آهي، حلال طريقي سان رزق حاصل ڪرڻ به عبادت آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان توبع ۽ استغفار ڪرڻو آهي، رمض??ن جي مهيني ۾ اسان کي خراب صحبت کان بچڻو آهي، هن مبارڪ مهيني ۾ مسلمان پنهنجي رب کي به راضي ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته صد?? ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان ص??ر جي جامع مسجد کان سڌو سنئون خطبو نشر ڪرڻ جو سل??لو شروع ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سل??متي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.