اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان يورپي يونين جي سفير ا??درولا ??ام??نارا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت يورپي يونين سان ٻطرفي تعاون ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستان، يورپي يونين سان ٻطرفن گهڻ رخي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پا??ستان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير پا??ستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ پا??ستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير ا??درولا ??ام??نارا جي ڪردار کي ساراهيو. يورپي يونين جي سفير ا??درولا ??ام??نارا ساراهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.