اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي سامهون رکندي آمريڪا سان بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا. اهي ڳالهيون هن ٽيڪسلا ۾ اورينج فيسٽيول تقريب کي خطاب ڪندي ڪيُون. پرڏيهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر سفيرن جي ??ڏي تعداد ان اورينج فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ گنڌارا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان مختلف اسٽالز لڳايا ويا، پرڏيهي وزير فيسٽيول ۾ لڳايل اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙن فيسٽيول جي انعقاد سا?? پاڪستان جي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ??يجهو اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ??چ ۾ رابطن جي ??روغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي پر بدقسمتي سان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي ??عنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان نه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان وزيراعظم عمران خان جي ??يزن جي روشني ۾، پنهنجي اقتصادي ترجيحن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانستان جي عبوري حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته اسان پنهنجي ??فادن کي سامهون رکندي آمريڪا سان پن??نج?? بهترين لاڳاپا چاهيون ٿا، چين سان اسان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي ??اڳاپن ۾ هڪ نئون موڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪيمپ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هندستان سميت سمور?? پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي ??اليسي رکون ٿا، پر بدقسمتي سان هندستان سرڪار جي ??ندوتوا سوچ پوري خطي جي امن ۽ امان کي شديد خطرن جي ??ر چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندستان جي اندران هڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪار جي ??اقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.