اسلام ??با?? – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي آهي جيڪا اسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جيڪي ماڻهو هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن انهن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.
اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن ملڪ ۾ ڀاڻ خاص طور تي يوريا جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مڪئي جا رڪارڊ بمپر فصل پيدا ٿيا ۽ حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري ??الي سال 21 -2020ع ۾ ??با??گارن 822 ارب روپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي، اضافي آمدني جي نتيجي ۾ ??با??گارن پاران يوريا جي وڌيڪ خريداري ??ي آهي، هن چيو ته حڪومت غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڌ کان وڌ پيداوار لاءِ مناسب مقدار ۾ ڀاڻ فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته ??با??گارن کي خاص طور تي ايندڙ ٽن هفتن ۾ ڀاڻ جي دستيابي ڪڻڪ جي بمپر فصل مادل ڪرڻ لاءِ گهڻو اهم آهي.
وزيراعظم ل??ڳاپيل عملدارن کي ربيع جي فصلن لاءِ يوريا جي سپلائي چين جي موثر انتظام ل??ءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي انتظاميه جي ذريعي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ سپلائي چين کان ٻاهر مڊل مين جي ذريعي خريداري کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻي، هن سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي پروڊيوسرز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين سان ??ڏج?? ڪم ڪن ته جيئن هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??با??گارن کي يوريا جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.