لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي م??ظو??ي ڏيندي پي سي بي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خ??ن اها هدايت پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا سان ملاقات دوران ڏني جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايندڙ پي ايس ايل سيزن ۽ ڪرڪيٽ جي مجموعي ڍانچي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي تعمير جي اصولي م??ظو??ي ڏني ۽ پي سي بي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته ان جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. پي سي بي چيئرمين وزيراعظم کي اسٽيڊيم جي تعمير 2025ع تائين مڪمل ڪرڻ ??ي خاطري ڪرائي.