اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي اهو مسئلو آهي ته سندس ايزي لوڊ جو دڪان ??ند ٿي چڪو آهي، فضل الرحمان ??و پاڪستاني پارلياماني سياست م ڪو ڪردار نه آهي، فضل الرحمان، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي رڳو ڪرپشن وڌائي سگهن ٿيون، ملڪ هلائڻ انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا فضل الرحمان ??ي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته فضل الرحمان 3 سالن کان ??ياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏيندڙ وزيراعظم عمران ??ان ??ي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري سگهي ٿو، سڄي دنيا ۾ ر??ارڊ مهانگائي ٿي آهي ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان ??ي مهانگائي ??ي آڙ ۾ پنهنجي سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي جي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، مولانا فضل الرحمان ??يڪڏهن چونڊون کٽي وڃي ته صاف شفاف ۽ جيڪڏهن هارائي وڃي ته ڌانڌلي؟ فرخ حبيب چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران ??ان ??ا ٿورا مڃڻ گهرجن. مملڪتي وزير چيو ته ان ڌانڌلي سٽيل نظام کي ??تم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران ??ان ??ياست ۾ آيو آهي. هن چيو ته مولانا صاحب جيڪڏهن توهان ڌانڌلي کان ڇوٽڪارو چاهيو ٿا ته اي وي ايم طرف اچو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ??حريڪ انصاف کي 2018ع جي چونڊن ۾ ر??ارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ٻيڻا ووٽ کڻنداسين. فرخ حبيب چيو ته جيڪي هر حڪومت ۾ اقتدار جا مزا وٺندا رهيا، اُهي آر يا پار وارا بري طرح خوار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم جي نالي تي ذاتي مفادن جي تحفظ جي لاءِ انتشار پکيڙيندڙ اڳ ۾ به ناڪام ٿيا اڳتي به ناڪام ٿيندا. مملڪتي وزير چيو ته سڀني کي خبر آهي ته عوام ۾ توهان ??ي پذيرائي ٻُڙي اهي. فرخ حبيب چيو ته مارچ جي ڌمڪي ڏيندڙ اڳ ۾ اهو ٻڌائين ته استعيفائون ڪٿي آهن؟ اهو کوکلو مارچ آهي، جنهن ۾ عوام جي ڪا نمائندگي نه هوندي.