اسلام آب??د – 25 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جعلي مقابلن ۽ نام نهاد ”ڪريڪ ڊائون ۽ گهر گهر تلاشي“ ڪاررواين جي ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ بي پناهه ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل جي شديد ??ذم?? ڪ??ي آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائڻ ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پاران عدالت کان مٿانهين قتل جي شديد ??ذم?? ڪندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڀارتي قابض فوج 35 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو جڏهن ته س??ينگر ۾ 24 نومبر تي هڪ جعلي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، ترجمان چيو ته ڀارتي قابض فوج ڪشميرين جي خلاف سنگين ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي جنهن ۾ جبري گ??شد??يون، ٽارگيٽ ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ۽ آب??دي کي اجتماعي سزائون ڏيڻ شامل آهي. والاريل ڪشمير ۾ بي شرمي سان جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ وحشياڻي طاقت جي استعمال سان ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جي نڇڏ حق لاءِ جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. ترجمان چيو ته هن سال سيپتمبر ۾ پاڪستان پاران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ناقابل ترديد ثبوتن بابت جامع ڊوزيئر عالمي برادري کي پيش ڪيو ويو آهي، پاڪستان عالمي برادري کي مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائي، والاريل علائقي ۾ بگڙجندڙ صورتحال خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي، پاڪستان عالمي برادري تي به زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.