اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري ??ي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري ??کندو، گڏيل قومن جي ق??اردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجوده حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ??ان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ترقي، مجموعي صورتحال ۽ ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اقتصادي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا ت??ام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري ??هيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ق??من کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري ??ي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ??وام جي حمايت جاري ??کندو، گڏيل قومن جي ق??ارداد موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪومت کان پوري ??طي کي خطرو آهي.