اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته راندين جي ??حت??نداڻي سرگرمين جي ف??وغ سان نوجوانن کي سماجي براين کان روڪڻ ۾ مدد ملندي، شوقينن جي دلچسپي ??رق??ار رکڻ لاءِ ڪرڪيٽ سميت مختلف راندين ۾ آهستي آهستي تبديليون آيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ منعقد ڪراچي ٽيپ بال پريميئر ليگ جي ايوان صدر ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي لوگو ۽ ٽرافي جي رونمائي به ڪئي. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ جو هيرو آهي، هن ڪرڪيٽ ۾ به اصولن ۽ ڪردارسازي کي ف??وغ ڏنو، هن چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق هو جاويد ميانداد، هارون رشيد ۽ توصيف احمد جهڙن رانديگرن ان دور ۾ شاندار ڪرڪيٽ کيڏي، جاويد ميانداد يادگار ڇڪو هڻي پاڪستان کي فتح ڏياري، هن چيو ته ميچ فڪسنگ جي باوجود ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي ??رق??ار رهي، هاڻي ڪرڪيٽ جو انداز بدلجي ويو آهي، شوقينن جي دلچسپي ??رق??ار رکڻ لاءِ ڪرڪيٽ سميت مختلف راندين ۾ آهستي آهستي تبديليون آيون آهن. هن چيو ته ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي انعقاد بهترين قدم آهي، مقامي سطح تي هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جي مقابلن سان مثبت سرگرمين کي ف??وغ ڏئي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نوجوانن جي وچ ۾ راندين جي ??حت??نداڻي مقابلن جو هجڻ ضروري آهي، نوجوانن ۾ راندين جي ??حت??داڻي سرگرمين سان سماجي براين کي روڪڻ ۾ مدد مل??دي. هن چيو ته رانديون اسان کي نظم ۽ صبظ سکارينديون آهن، ان موقعي تي خطاب ڪندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ راندين کي نظرانداز ڪيو ويو تنهن هوندي به موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪر?? هاڻي اها ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻ اسپورٽس مين آهي ان جي ويزن جي تحت اسپورٽس پاليسي ٺاهي آهي ڪابينا ان منظوري کانپوءِ ان اسپورٽس پاليسي سان راندين ۾ نمايان بهتري اي??دي. راندين ۾ پاڪستان جو نالو استعمال ڪندڙن کي ان اسپورٽس پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو. هن ٽيپ بال ٽورنامينٽ جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان طرز جي ٽورنامينٽ کي ملڪي سطح تي توسيع ڏيڻ گهرجي. ٻهراڙي جي علائقن جي نوجوانن ۾ وڏيون صلاحيتون آهن. نوجوانن ۽ عورتن کي راندين جي سرگرمين جي وڌ کان وڌ موقعا ملڻ گهرجن، هن چيو ته ڪاروباري ادارن کي سي ايس آر تحت راندين جي ف??وغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته راندين ٻاهرين ملڪ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪر??ون ٿا. ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي 2 ڪرڪيٽ گرائونڊ بڻايا ويندا. اڳوڻي ڪپتان ليجنڊ ڪرڪيٽ جاويد ميانداد چيو ته ڪراچي ۾ راندين جا ميدان گهٽ آهن جنهن جي ڪر?? ٻارن جي لاءِ مثبت سرگرمين جا موقعا گهٽ آهن، ڪراچي شهر ۾ راندين جي ميدانن ۾ اضافو ڪرڻ چاهي، اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر هارون رشيد چيو ته ان ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن ۽ اها ٽورنامينٽ محلي جي بنياد تي منعقد ڪيو پيو وڃي.