اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ کان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل ??قم واپس ڪرڻ جو حڪم ??رق??ار رکندي وفاقي ب??نڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف سونيري ب??نڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ بئنڪ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل ??قم ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر ان ڏس ۾ جاري پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته بئنڪ انتظاميا پاران بدانتظامي ۽ بي ضابطگي ثابت ٿي آهي. جڏهن ته بئنڪنگ محتسب پاران پڻ بئنڪ کي فراڊ جي ان شڪايت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونيري ب??نڪ جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره برانچ ۾ اڪائوٽ کوليو ۽ ان وقت بئنڪ مئنيجر کي اڪائونٽ ۾ ج??ع ڪرڻ جي لاءِ 20 لک رپيا يعني 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ته بئنڪ مئنيجر 20 لک جي هڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. شڪايت ڪندڙ يعني اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي هڪ ئي سيد ڏيڻ تي اصرار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن شڪايت ڪندڙ بئنڪ مان پنهنجي ??قم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل ??قم موجود نه آهي جنهن تي شڪايت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر بئنڪ جي لاڳاکيل اعليٰ عملدارن کي 20 لک جي ج??ع ڪرايل ??قم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ڏنيون جڏهن ته ڪا شنوائي نه ٿي جنهن تي ??قم واپس نه ملڻ تي شهري وفاقي ب??نڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو جنهن جي ڪارروائي دوران ثابت ٿيو ته ج??ع ڪرايل ??قم ج??ن رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان تي ان وقت جي اڳوڻي مئنيجر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفاقي ب??نڪنگ محتسب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونيري ب??نڪ کي ??قم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سونيري ب??نڪ وفاقي ب??نڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جڏهن ته صدر وفاقي ب??نڪنگ محتسب جي فيصلي کي ب??قرار رکيو ۽ بئنڪنگ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل ??قم وڌيڪ ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته قانون تحت بئنڪنگ محتسب بئنڪن جي ب??انتظامي، بي ضابطگين ۽ عملدارن جي ب??عنواني ۾ جاچ ڪرڻ ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.