اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ع??د ميلادالنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ ال??ه تعاليٰ پنهنجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد ميلادالنبي ﷺ جي ح??ال?? سان پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ال??ه تعاليٰ پنهنجي حبيب حضرت محمد ﷺ کي رحمت ال??عالمين جو خصوصي خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عيد ميلادانبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ سال ربيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان جي قومي تاريخ جو سڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد ميلادالنبي ﷺ جو اهڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ عوام، م??ڊي??، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو ع??د ميلادالنبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.