اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان اڄ نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪندو ۽ غير ملڪي جي شناختي ڪا??ڊن ۽ ورڪ پرمٽ ڪا??ڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪا??ڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. ذريعن موجب نادرا چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ جي ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏيندو، وزيراعظم نادرا هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران 66 نئين نادرا آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪندو، وزيراعظم جي هدايتن تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وڌايو پيو وڃي، وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ پرڏيهين جي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن شناختي ڪا??ڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪا??ڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪندو. ان کانسواءِ ڪا??ڊ جي بدلي پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪا??وبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي ملازمت حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪا??ڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙين سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪا??ڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.وزيراعظم عمران ??ان ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ڪووڊ – 19 پاس جو به افتتاح ڪندو، ان موبائيل ايپ جي ذريعي ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ پاڪستاني يا حڪومتي ادارا ڪنهن به جاءِ ڪوڊڊ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي فوري تصديق ڪري سگهندا. نادرا پنهنجي سسٽم کي جديد رخن تي هموار ڪري اهو ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي ته هڪ عام ماڻهو به پنهنجي فون مان ڪنهن به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي اصلي يا جعلي هجڻ جو پتو لڳائي سگهي ٿو، نادرا جي سسٽم مان جاري هر ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ تي هڪ ڪيو آر ڪوڊ هوندو آهي جنهن ک?? موبائيل جي ڪئميرا سان اسڪن ڪيو وڃي ته ان تي سرٽيفڪيٽ جي اصل مالڪ جو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ ٻيا دستياويز سامهون اچي ويندا تنهن ڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو ڪنهن ٻي جي سرٽيفڪيٽ تي جعلسازي سان پنهنجو نالو لکي، وزيراعظم ان موقعي تي جعلي شناختي ڪا??ڊن جي خاتمي لاءِ آرٽيفيشل انٽيلي جنس تي ٻڌل نادرا جي متعارف ڪرايل نظام جو به افتتاح ڪندو، تصديق ۽ تجديد جي ان نظام کي نادرا جي نئين چيئرمين محمد طارق ملڪ تمام ٿوري وقت ۾ تخليق ڪيو آهي ۽ ان جي مدد سان نادرا ڊيٽابيس سان غير ملڪي ماڻهن ک?? باآساني ڪڍڻ ممڪن ٿيندو. نئين متعارف ڪيل ان جديد نظام تحت نادرا ڊيٽابيس ۾ موجود خاندانن جا سربراهه گهر ويٺي پنهنجي خاندان جي ماڻهن جي تفصيل ۽ تصديق ايس ايم ايس جي ذريعي پنهنجي موبائيل تي ڪري سگهندو، پنهنجي خاندان ۾ ڪنهن به اجنبي ماڻهو جي موجودگي جي صورت ۾ نادرا کي آگاهه ڪري سگهندو، نادرا ان اجنبي ماڻهو جي خلاف قانوني ڪا??روائي ڪندي. وزيراعظم عمران خان ک?? نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ڊجيٽل پاڪستان سان جدت ۽ صلاحيتن تي ٻڌل روڊ ميپ پيش ڪندو.