اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه فيصلو ڪن، پولنگ ٿيڻ کانپوءِ نتيجا صبح تائين ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻا??ر اچڻ کان ئي تيار نه آهن، ??شي??ن جي تياري لاءِ اليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ??شي?? سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اسٽيشن ۾ اهي ??شي??ون موجود هونديون جيڪي انٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪنديون. اهي ??شي??ون استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وزيراعظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ??شي?? جي باري ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻيا ماهر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم مسئلو نتيج?? جو وقت سر نه اچڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي نتيجن کي تسليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آهن، ا?? جو حل اهو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه فيصلو ڪن، پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻا??ر اچڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪراچي اليڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تائين نتيجا سامهون نه آيا، هن ٻڌايو ته پاڪستان جي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود ماهرن اليڪٽرانڪ ووٽنگ ??شي??ن جي تياري ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا ??شي?? تيار ڪئي وڃي اها ان 36 شرطن تي پورو لهي، هن ٻڌايو ته انهن ??شي??ن جي تياري ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.