اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، ڳالهين ذريعي سياسي حل جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ امن پوري علائقي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. هن ??هڙ?? خيالن جو اظهار افغانستان جي صنعت ?? واپار واري وزير نثار احمد فيضي غورياني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.