اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پ??دا??ش جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ خ??وصي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون، سول ۽ عسڪري قيادت خصوصي پيغام جاري ڪيا ۽ ڏکڻ ايشيا جي عظيم اڳواڻ ۽ سندس ساٿين جي آزاد مل?? پاڪستان جي لاءِ عظيم جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي نقش قدم تي هلندي مل?? کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. باني پاڪستان جي 144 هين يوم پ??دا??ش جي موقعي تي ڏينهن جو آغاز مل?? ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو، ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي هڪ دستي گارڊ جا فرض سنڀاليا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي ??ما??ڊنٽ ميجر جنرل عمر احمد بخاري ان موقعي تي خاص مهمان هو. هن مزار تي گلن جي چادر چارهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ ان کانپوءِ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. ملٽري اڪيڊمي جي دستي مارچ پاسٽ ڪيو ۽ باباءِ قوم کي سلامي ڏني. سرڪاري ۽ نجي سطح تي قرآن خواني ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ويو، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، باباءِ قوم جي يوم پ??دا??ش جي موقعي تي سڄي مل?? ۾ عام موڪل هئي، سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبن ۽ خصوصي پيغامن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر ۽ ان جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي تقريبن جو اه??ما?? ڪيو ويو.