ا??لا?? آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم ??ابت خاص مددگار نديم ??ابر قومي ??سيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپي??ر اسد قيصر چيو ته ملڪي ترق?? جو راز پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي ??سيمبلي ۾ سموريون سياسي پارٽيون قومي ??هميت جي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ته ايوان جي اندر موجود سمورين سياسي پارٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ سمورن معاملن کي افهام تفهيم ??ان حل ڪيو وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي تي پهچندڙ پارلياماني سال جي دوران قومي ??سيمبلي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورونا وبا جي باوجود قومي ??سيمبل?? جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اسپي??ر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ايوان ۾ موجود سياسي پارٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رکندڙ معاملن تي يڪجهت?? جو مظاهرو ڪنديون.