اسلام آباد – 18 جون (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي نظام ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ان کي لاڳو ڪرڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، مدرسن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ خاص طور تي مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن کي جديد علم جي تعليم سان آراسته ڪرڻ ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ح??الي سان مدرسن سان طئي ٿيل لائحه عمل تي عملدرآمد جي ح??الي سان به ڪوششون تيز ڪيون وڃن، ڪورونا جي صورتحال جي پ??ش نظر سمورن تعليم جي صوبائي وزيرن جي مشاورت سان تعليمي ۽ تدريسي عمل جي ڏس ۾ مستقبل جي لائحه عمل جي ح??الي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي، ان سان گڏوگڏ موجوده حالتن ۾ تعليمي ادارن جي مالي مشڪلاتن ۽ والدين جي فيسن جي ح??الي سان خدشن کي ختم ڪرڻ جي ح??الي سان به حڪمت عملي جوڙي وڃي، وزيراعظم عمران خان ا??ي هدايتون تعليمي نظام ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ ڪورونا صورتحال جي ڏس ۾ تعليم جي ح??الي سان حڪومتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي ح??الي سان منعقد جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.