اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زردا??ي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انٽونيو گوٽريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان سدائين انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي حل جي حمايت ڪئي آهي. بلا??ل ڀٽو زردا??ي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عو??م جي خواهشن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو.