اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهيد ا??تزاز حسن بي مثال بهادر?? جو مظاهرو ڪري پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلورز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قر??ان ڪئي، اعتزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ا??تزاز جي ورسيءَ جي موقعي تي چيو ته اڄ اسان خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو سان تعلق رکندڙ پاڪ مٽيءَ جي فرزند شهيد ا??تزاز حسن جي شهادت کي ياد ڪري ڏکويل آهيون جنهن جي غيرمعمولي جرئت اسان جي لاءِ اميد جو ڏيئو آهي. وزيراعظم چيو ته رڳو 15 سالن جي عمر ۾ اعتزاز بي مثال بهادر?? جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلوز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قر??ان ڪئي. هن چيو ته اعتزاز جو بي لوث ۽ پختو عزم اسان کي ياد ڏياري ٿو ته همت ۽ بهادر?? جو هڪ عمل ڪيترين ئي زندگين کي بچائي سگهي ٿو، اعتزاز جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.